پي اي سي جي خصوصي ڪميٽي جي اجلاسن جو شيڊول جاري

پي اي سي جي خصوصي ڪميٽي جي اجلاسن جو شيڊول جاري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي حڪمن تي عملدرآمد جي لاءِ جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي اجلاسن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب خصوصي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو ڪنوينر رانا افضال حسين ڪندو. اجلاس 14، 15، 28 ۽ 29 ڊسمبر تي منعقد ٿيندا جنهن ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي آڊٽ اعتراضن تي پي اي سي جي فيصلن جي روشني ۾ عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.