سينيٽ جي سرحدن ۽ رياستي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

سينيٽ جي سرحدن ۽ رياستي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) سينيٽ جي سرحدن ۽ رياستي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ 11 وڳي ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر هلال الرحمان ڪندو. اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي وطن واپسي تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي سيفران واري وزارت جا عملدار ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندا جڏهن ته فاٽا ۾ آبپاشي کاتي جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جو جائزو ۽ حاصل ڪيل هدفن تي غور ڪيو ويندو.