قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن محمد افضل کوکر جي صدارت ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي ۾ ڪرايل ان خاطري تي غور ڪيو جنهن موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ايوان کي خاطري ڪرائي هئي ته حڪومت اخبارن ۾ ڇپجندڙ آيتن ۽ حديث مبارڪن جي مڪمل تعظيم ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري صبا محسن رضا ٻڌايو ته اطلاعات واري وزارت خاطري تي عملدرآمد ڪندي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائيٽي (اي پي اين ايس)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن (پي بي اي) ۽ ڪائونسل آف نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي صدرن کي باقاعدگي سان گذارشون ڪيون آهن ته ان سلسلي ۾ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن، مذهبي معاملن واري وزارت چيو ته اسان پهرين ئي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي اها تجويز ڏني آهي ته سمورين اخبارن ۽ رسالن کي پابند ڪيو وڃي ته هو مقدس آيتن جي تقدس لاءِ هي تحرير لکن ته ” قرآن ڪريم جون مقدس آيتون ۽ حديثون توهان جي ديني معلومات ۾ اضافي لاءِ شايع ڪيون وڃن ٿيون انهن جو احترام توهان تي فرض آهي. انهي ڪري جن صفحن تي هي آيتون لکيل هجن انهن کي ردي طور نه وڪرو ڪريو پر صحيح اسلامي طريقي سان محفوظ ڪريو“ اسٽينڊنگ ڪميٽي هدايت ڪئي ته مذهبي معاملن واري وزارت، اسلامي نظرياتي ڪائونسل، اطلاعات ۽ قومي ورثي واري وزارت، گڏجي سمورين ڌرين خاص طور تي اي پي اين ايس، پي بي اي، سي پي اين اي ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل ماڻهن سان مشاورت ڪري ان معاملي جو قابل عمل حل ڪڍي 30 جون تائين رپورٽ پيش ڪن. اسٽينڊنگ ڪميٽي 16 آگسٽ 2013ع تي ايوان ۾ ڪرايل خاطري تي به غور ڪيو ويو جنهن موجب ايوان کي خاطري ڪرائي وئي هئي ته برآمدات جي سلسلي ۾ هر قسم جي رڪاوٽ کي حڪومت ختم ڪندي ته جيئن ملڪي برآمدات وڌي سگهي، ڪميٽي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ اجلاس ۾ ان سلسلي ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪن ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ايڪسپورٽرز جي رهتن جو حساب ڪميٽي جي سامهون پيش ڪري. اسٽينڊنگ ڪميٽي 19 ڊسمبر 2013ع جي نگهت پروين جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير عابد شير علي طرفان ڪرايل خاطري کي غور هيٺ آندو، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ ليسڪو جي لاڳاپيل عملدار پهرين ئي خاطري تي عملدرآمد جي رپورٽ ڏني هئي جنهن تي اسٽينڊنگ ڪميٽي مطئمن ٿي خاطري اڪلائي ڇڏي. اجلاس ۾ ملڪ ابرار احمد، مولانا محمد خان شيراني، عبدالمجيد خان خنان خيل، شهزادي عمرزادي ٽوانه، رجب علي خان بلوچ، شيخ صلاح الدين کانسواءِ سهيل عامر، مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري صبا محسن، محمد همايون اختر، سيد طلعت محمود، زرعي ترقياتي بئنڪ جي صدر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.