سينيٽ ۾ قائدايوان پاران جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي کي مبارڪون

سينيٽ ۾ قائدايوان پاران جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) سينيٽ ۾ قائدايوان راجا محمد ظفر الحق جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي کي سنڌ جوگورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي ان کي خوش آئنده قرار ڏنو آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن چيو آهي ته سنڌ جي گورنر طور جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ بهتر رابطا ڪاري لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندو، هن چيو ته جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي هڪ نهايت ايماندار ۽ محنتي شخص آهي ۽ گورنر طور پنهنجون آئيني ذميداريون ڀرپور طريقي سان سرانجام ڏيندو. هن ان سلسلي ۾ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.