سپريم ڪورٽ جو خواجه آصف جي حق ۾ فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي: سردار اياز صادق

سپريم ڪورٽ جو خواجه آصف جي حق ۾ فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي: سردار اياز صادق

لاهور (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو خواجه آصف جي حق ۾ فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي جنهن سان ڪوڙ ۽ الزامن جو باب دفن ٿي ويو، جلد خواجه سعد رفيق جي تڪ جو فيصلو به اچي ويندو ۽ مخالفن کي منهن جي کائڻي پوندي، پاڪستاني عوام عقلمند آهي ۽ هو ڪوڙ ۽ الزامن جي سياست ڪندڙ پارٽي کي ڪڏهن به وڌڻ ويجهڻ نه ڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمان پوره ۾ اکين جي اسپتال جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته خواجه آصف جو فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي، مخالفن طرفان لڳايل الزام هڪ دفعو ٻيهر ڪوڙا ثابت ٿيا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سيالڪوٽ جي عوام جي فتح ٿي، اياز صادق جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 4 تڪن تي ڊرامو مچايو مون تي به الزام لڳايو هو جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ جلد ئي خواجه سعد رفيق جي تڪ جو فيصلو به اچي ويندو ۽ مخالفن کي منهن جي کائڻي پوندي. ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته آمريڪي عوام پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو، ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊڻ آمريڪي عوام جو فيصلو آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام عقلمند آهي ۽ هو ڪوڙ ۽ الزامن جي سياست ڪندڙ پارٽي کي ڪڏهن به وڌڻ ويجهڻ نه ڏيندي.