ريڊيو ملڪ جي ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائقن تائين اطلاع پهچائڻ جو موثر ذريعو آهي: مريم اورنگزيب

ريڊيو ملڪ جي ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائقن تائين اطلاع پهچائڻ جو موثر ذريعو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو ملڪ جي ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائقن تائين اطلاع پهچائڻ جو موثر ذريعو آهي، حڪومت جي موثر ۽ جامع پاليسين جي ڪري دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي، توانائي جي منصوبن، موٽر وي کي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن سان ڳنڍڻ، لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي سميت اهڙن مثبت قدمن جي باري ۾ ريڊيو پاڪستان جي ذريعي عوام کي موثر انداز ۾ آگاهي ڏئي سگهجي ٿي، اطلاع تائين پهچ جي ايڪٽ تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ منظوري لاءِ جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. هو ڪالهه خميس ڏينهن ريڊيو پاڪستان جي دوري دوران خبرن ۽ تازي صورتحال جي سڌي سنئين رابطي واري پروگرام ۾ شرڪت ۽ اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان جي جنرل نيوز روم، ويب ڊيسڪ، صوت القرآن چينل ۽ مختلف اسٽوڊيوز ۽ نيشنل براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو، ان دوران کيس هر شعبي جي ڪم جي نوعيت بابت بريفنگ به ڏني وئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان جو پليٽ فارم داخلي ۽ خارجي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ انساني وسيلن جي تربيت ۽ ريڊيو پاڪستان ۽ اطلاعات واري وزارت جي ٻين ادارن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ سندن اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن تائين پهچ هجڻ سبب ان اداري کي ملڪ جي متعلق مثبت اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪيو ويندو. ان قدم سان نوجوانن ۾ مايوسي ختم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي سان گڏوگڏ ٽي ڪلاڪ تائين آڻڻ ۽ نوجوانن لاءِ وزيراعظم جي پروگرام جي آغاز جو ذڪر ڪندي مملڪتي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ذريعي عوام کي اهڙي مثبت قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪري سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته هو عوام کي حڪومت طرفان انهن جي ڀلائي ۽ ترقي جي پروگرامن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ريڊيو پاڪستان جو دورو ڪندي رهندي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان جي عملدارن کي هدايت ڏني ته هو ريڊيو پاڪستان کي پاڻڀرو بڻائڻ لاءِ بزنس پلان ترتيب ڏين. هن چيو ته ريڊيو اطلاعن جي فراهمي جو پراڻو ذريعو هجڻ جي باوجود معاشري جي وڏي حصي جون ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ريڊيو بهترين آواز، فنڪار ۽ موسيقار پيدا ڪيا آهن، اسان کي ريڊيو جي روايتن کي زنده رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ريڊيو پروگرامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن ريڊيو پاڪستان عملدارن کي هدايت ڪئي ته نوجوانن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پروگرام جوڙي ۽ عوامي اهميت بابت مسئلن خاص طور تي غذائي کوٽ جهڙن معاملن تي آگاهي مهم شروع ڪئي وئي. ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل خورشيد ملڪ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير کي اداري جي مختلف شعبن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير ان موقعي تي نيوز، ڪرنٽ افيئر ۽ ٻين پروگرامن کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کي نوجوانن ۽ عورتن کانسواءِ حڪومتي پاليسين ۽ عوامي منصوبن جي حوالي سان پروگرامن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.