پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب

پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، هو اربع ڏينهن هتي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي. هن چيو ته پاڪستان واپاري شعبي ۾ آساني رکندڙ دنيا جي 10 بهترين ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اقتصادي بهتري کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا ۾ ان پيغام کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي. مملڪتي وزير اڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي آفيسرن کي چيو ته هو پاڪستان ۽ ان جي عوام بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ غير ملڪي ميڊيا سان ويجهو رابطا هموار ڪن. حڪومت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهميت کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ان لاءِ پرڏيهي ملڪ پريس آفيسرن مان اميد آهي ته هو ملڪ جي اعليٰ ترين مفاد کي نظر ۾ رکندي عالمي اهميت جي مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف کي واضح طور تي اجاگر ڪندا. هن چيو ته حڪومت ڪيترائي سٺا ڪم ڪيا آهن ۽ حڪومت جي انهن ڪاميابين کي واضح ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ آئي ته پاڪستان کي مختلف بحران درپيش هئا تنهن هوندي به ٽن سالن کانپوءِ پاڪستان جون حالتون پهرين کان بهتر آهن، دهشتگردي جي واقعن ۾ 85 سيڪڙو گهٽتائي آئي جيڪا حقيقت ۾ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، معيشت بحال ٿي آهي، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا پهريون ڀيرو تاريخ جي نئين بلندين تي پهتا آهن، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن جنهن کي عالمي برادري کي تسليم ڪرڻ گهرجي، پاڪ چائنه اقتصادي راهداري موجوده جمهوري حڪومت جو اهم سنگ ميل آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي کي فائدو ٿيندو، پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ٻين ملڪن سان معاشي تعاون ۽ خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پائيدار ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن سان اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ عالمي برادري سان گڏ شامل ٿينداسين، مريم اورنگزيب آفيسرن جي پيشيوراڻي رخن تي تربيت ۽ صلاحيت خاص طور تي تشهير جا نوان ذريعا استعمال ڪرڻ زور ڏنو ته جيئن پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي. ان کان اڳ هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جو دورو ڪيو ۽ اظهار راءِ جي آزادي ۽ آزاد ميڊيا لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا زبردست ترقي ڪئي آهي جيڪي ماڻهن کي آگاهي، تعليم ۽ تفريح لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آفيسرن کي چيو ته اهي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان فعال رابطا رکن ڇو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا هم آهنگي، اتحاد ۽ قومي يڪجهتي جي نصب العين لاءِ معاشري جي مثبت رهنمائي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڊائريڪٽوريٽ ۽ ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي دوري دوران لاڳاپيل ڊائريڪٽر جنرلز کيس پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري سيڪريٽري صبا محسن رضا به موجود هئي.