پاڪ فضائيه ملڪي دفاع ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪ فضائيه ملڪي دفاع ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

سرگوڌا (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف وطن جي خدمت لاءِ پاڪ فضائيه جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فضائيه ملڪي دفاع ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو آهي، هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائيندي چئي. هو پاڪ فضائيه جي جنگي مشقن هائي مارڪ جي مشاهدي لاءِ هتي مصحف ايئر بيس پهتو هو. وزيراعظم ايئر مين، اسٽاف، آفيسرن ۽ جوانن جي صلاحيتن کي ساراهيندي هائي مارڪ مشقن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته فضائي مشقون جن هدفن لاءِ ڪيون ويون اهي حاصل ڪيا ويا، هن چيو ته پاڪ فضائيه تي قوم کي فخر آهي، پاڪ فضائيه ملڪي دفاع لاءِ پاڪ فوج ۽ بحريه سان گڏجي ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فضائيه آپريشن ”ضرب عضب“ ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، ان آپريشن دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جا شاهين اسان جا فخر آهن، ان کان اڳ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ايئر بيس آمد تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. هائي مارڪ مشقن ۾ فضائيه جي جنگي مهارتن جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. پاڪ فضائيه جي دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي ۽ وزيراعظم پريڊ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي جهازن وزيراعظم کي سلامي به پيش ڪئي. وزيراعظم کي پاڪ فضائيه جي مشقن ”هائي مارڪ“ جي باري ۾ بريفنگ به ڏني وئي. هي مشقون هر 4 سالن کانپوءِ ٿينديون آهن، پاڪ فضائيه جي مشقن ”هائي مارڪ“ ۾ ايف 16، جي ايف 17 ٿنڊر، ايف سيون ميراج جهاز حصو وٺي رهيا آهن، مشقن جو مقصد پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وزيراعظم پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ گروپ فوٽو به ڪڍرايو. مشقن ۾ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جن هدفن لاءِ هي مشقون ڪيون ويون اهي ڪاميابي سان حاصل ٿيا.