وزيراعظم پاران پاڪ فضائيه جي جنگي مشقن ”هائي مارڪ“ جو معائنو

وزيراعظم پاران پاڪ فضائيه جي جنگي مشقن ”هائي مارڪ“ جو معائنو

سرگوڌا (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪ فضائيه جي جنگي مشقن ”هائي مارڪ“ جي معائني لاءِ اربع ڏينهن هتي پاڪ فضائيه جي مصحف ايئر بيس تي پهچي ويو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. هائي مارڪ مشقن ۾ فضائيه جي جنگي مهارتن جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، پاڪ فضائيه جي دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي ۽ وزيراعظم پريڊ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي جهازن وزيراعظم کي سلامي به پيش ڪئي. وزيراعظم کي پاڪ فضائيه جي مشقن ”هائي مارڪ“ جي باري ۾ بريفنگ به ڏني وئي. هي مشقون هر 4 سالن کانپوءِ ٿينديون آهن، پاڪ فضائيه جي مشقن ”هائي مارڪ“ ۾ ايف 16، جي ايف 17 ٿنڊر، ايف سيون ميراج جهاز حصو وٺي رهيا آهن، مشقن جو مقصد پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وزيراعظم پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ گروپ فوٽو به ڪڍرايو. مشقن ۾ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جن هدفن لاءِ هي مشقون ڪيون ويون اهي ڪاميابي سان حاصل ٿيا.