سيد خورشيد شاهه ۽ شيخ رشيد ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه

سيد خورشيد شاهه ۽ شيخ رشيد ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) پارليامينٽ جي راهداري ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شيخ رشيد احمد جي وچ ۾ دلچسپ سياسي ڳالهه ٻولهه ٿي، اربع ڏينهن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ جي راهداري ۾ شيخ رشيد پنهنجا ٻئي هٿ جوڙي سيد خورشيد احمد شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”شاهه سائين توهان عمران خان جي مخالفت ڇو نٿا ڇڏيو“ ان جي جواب ۾ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته آئون هڪ غيرتمند سياستدان آهيان، ان تي شيخ رشيد چيو ته عمران خان به غيرت مند سياستدان آهي، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ”ڇڏيو شيخ صاحب، هن پاسي (ن) ليگ وارا به بيٺا آهن، ڌار ملاقات ڪنداسين، آئون توهان جي ذريعي عمران خان کي پيغام ڏيندس.