حڪومت ملڪ ۾ فن ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ جامع پاليسي تيار ڪري رهي آهي: مريم اورنگزيب

حڪومت ملڪ ۾ فن ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ جامع پاليسي تيار ڪري رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8نومبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ فن ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ جامع پاليسي تيار ڪري رهي آهي، فن سماجي قدرن ۽ معاشري کي درپيش چئلينجن کي اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي مملڪتي وزير چيو ته موجوده حڪومت ان پليٽ فارم جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي جيڪو اسان کي ان قابل بڻائي ٿو ته پنهنجي سماجي شعور جو نئين سري سان جائزو وٺون، ان پليٽ فارم کي مستحڪم ڪرڻ جي غرض سان حڪومت ملڪ ۾ فن ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ نئين پاليسي تيار ڪري رهي آهي، هن چيو ته فن ۽ ثقافت جي باري ۾ قومي پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل دوران سمورن قومي ۽ علائقائي فنڪارن سان مشاورت ڪئي ويندي. مملڪتي وزير چيو ته نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ملڪ ۾ ثقافت ۽ سماجي قدرن کي فروغ ڏيڻ جو موثر ادارو آهي، مملڪتي وزير پي اين سي اي ۾ گئلرين جو دورو به ڪيو ۽ انتظاميه کي نجي ۽ سرڪاري اڪيڊمڪ ادارن سان وڌ کان وڌ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪئي، مملڪتي وزير چيو ته پرفارمنگ آرٽس جو ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي.