قومي اسيمبلي جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن کي هدايت ڪئي آهي ته الاٽمينٽ جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ سيڪٽر ايف 14 ۽ ايف 15 جي پلاٽن جي فهرست کي پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو وڃي، ڪميٽي هائوسنگ فائونڊيشن جي انتظام هيٺ سيڪٽر ۾ قبضن ۽ زمين جي غير قانوني ڪمرشل استعمال جي خلاف قانون ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي پلاٽن جو قبضو جلد ڏيڻ جي لاءِ ترقياتي عمل به تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اڱاري ڏينهن ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين حاجي محمد اڪرم انصاري جي صدارت ۾ ٿيو، فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن جي نمائندن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اپريل 2015ع کان مئي 2016ع دوران ميمبرشپ مهم دوران 79 هزار کان وڌيڪ وفاقي ملازمن ۽ ٻين جي رجسٽريشن ڪئي وئي، ڪميٽي جي هدايتن موجب سيڪٽر ايف 14 ۽ ايف 15 ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ جي لاءِ ڪوٽا ۽ ڪيٽيگري جي بنياد تي فهرست تيار ڪئي وئي آهي ۽ ڪيٽيگريز هڪ کان ٽن تائين جي ميمبرن کي رضا مندي جا خط موڪليا آهن، هن چيو ته ايراضي خريداري جو عمل ڊسٽرڪٽ ڪنٽرولر وٽ جاري آهي، ڪميٽي جي 13 ۽ جي 14 ۾ قبضن جي خلاف آپريشن تي اطمينان ظاهر ڪيو، ڪميٽي رهائشي جاين جي غير قانوني الاٽمنيٽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن ۽ ٻين پاران کان قبضي جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، قومي اسيمبلي جي ميمبر رجب علي خان بلوچ ذيلي ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو، جڏهن ته اها ذيلي ڪميٽي 30 ڏينهن ۾ ان حوالي سان رپورٽ تيار ڪري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پيش ڪندي.