فڪر اقبال شدت پسندي جي مسئلي جو بهترين علاج آهي: صدر ممنون حسين

فڪر اقبال شدت پسندي جي مسئلي جو بهترين علاج آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8نومبر2016ء) صدر ممنون حسين فڪر اقبال کي شدت پسندي جي مسئلي جو بهترين علاج قرار ڏيندي چيو آهي ته درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اقبال کي اڳواڻ بڻايو وڃي ته ان جي نتيجي ۾ مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ پروپيگنڊا به بي معنيٰ ٿي ويندي، هن اها ڳالهه شاعر مشرق علامه محمد اقبال رحه جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ اربع ڏينهن ملهايو پيو وڃي. صدر چيو ته اقبال جي تعليم صرف زندگي جي رهڻي ڪهڻي طرف ئي اسان جي رهنمائي نٿي ڪري پر موجوده وقت جي مسئلن جو حل به پيش ڪري ٿي، صدر چيو ته هنن ڏينهن ۾ اسان شدت پسندي جي جنهن مسئلي جي ور چڙهيل آهيون فڪر اقبال ان جو بهترين علاج تجويز ڪري ٿو پر آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن انهن مسئل کي منهن ڏيڻ لاءِ اقبال رحه کي رهنما بڻايو وڃي ته ان جي نتيجي ۾ مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ منفي پروپيگنڊا به بي معنيٰ ٿي ويندي. هن چيو ته فڪر اقبال رحه جو بنيادي نڪتو اهو ئي آهي ته مايوسي ۽ بي عملي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري عمل کي رهنما بڻايو وڃي. اقبال رحه چاهي ٿو ته پنهنجو بار ڪنهن ٻي تي وجهڻ بدران قوم پنهنجو ڇوٽڪارو پاڻ بڻجي وڃي جنهن جو عملي نمونو قائداعظم رحه جي شڪل ۾ اسان جي سامهون آيو ۽ پاڪستان جو قيام ممڪن ٿيو، صدر چيو ته شاعر مشرق، مصور پاڪستان علامه محمد اقبال رحه جو 139 هون جنم ڏهاڙو ملهائيندي ان جي سامهون اڄ جو پاڪستان ۽ ماضي جي انهن ڏينهن جي تصوير اڀري آئي آهي، جڏهن قومي مسيحا غلامي واري دور ۾ پنهنجي فڪر جي طاقت سان اسان جي مرده قوم ۾ نئون روح ڦوڪي رهيو هو. هن چيو ته اقبال رحه جو وقت انتهائي گهڻو مشڪل هو، هڪ طرف ننڍو کنڊ غلامي جي انڌيرن ۾ ٻڏل هو ته ٻئي طرف عالم اسلام جي صورتحال به ڪا چڱي نه هئي، هن چيو ته ان ڏکين حالتن ۾ صرف اقبال ئي هو جنهن ننڍي کنڊ سميت سڄي دنيا جي مسئلن ۽ مايوسي جي انڌيرن کي صحيح تجزئي ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي اميد جي روشني ۾ بدلائي ڇڏيو. صدر چيو ته علامه اقبال جي خدمتن جو اعتراف صرف مسلمان معاشري ۾ ئي نه ڪيو ويو پر اولهه ۾ به ان جي فڪر مان فائدو ورتو ويو. کيس قومن کي نئين زندگي عطا ڪرڻ واري شاعر جو درجو ڏنو ويندو آهي، علامه اقبال کي اهو مرتبو ۽ مقبوليت ۽ مشهوري سندس وسيع النظري ۽ فڪري ڪشادگي سبب ملي، هن چيو ته اچو اسان سڀئي وچن ڪريون ته علامه اقبال جي فڪر جي روشني مان فائدو وٺي ملڪ ۽ هن دنيا کي خوبصورت بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.