وزيراعظم شهري علائقن ۾ آلوده ڌند جو نوٽيس ورتو

وزيراعظم شهري علائقن ۾ آلوده ڌند جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف شهري علائقن ۾ آلوده ڌند جي موجوده صورتحال جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ادارن کي ماحولياتي مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ٽرانسپورٽ واري کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته گاڏين جي سخت معائني ذريعي آلوده دونهن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته صوبائي ٻيلن وارو کاتو ڪاربن ۾ گهٽتائي لاءِ گرين پاڪستان پروگرام تحت شهرن ۾ وڻڪاري تيز ڪري، وزيراعظم جو فوڪل پرسن هدايت جي تعميل لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطو رکندو.