ثقافتي ورثو قوم جي شناخت هوندو آهي: خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين

ثقافتي ورثو قوم جي شناخت هوندو آهي: خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8نومبر2016ء) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته ثقافتي ورثو قوم جي شناخت هوندو آهي، جنهن کي قومي ذميداري سمجهندي تحفظ ڏيڻ گهرجي، پاڪستان وسيع ۽ دلڪش ثقافتي ورثي سان مالا مال آهي ۽ اهڙي لوڪ روايتن کي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪندي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن هتي لوڪ ورثه ميوزم ۾ روايتي ٽوڪريون ٺاهڻ جي حوالي سان 7 ڏينهن تربيتي پروگرام ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي، بيگم محموده چيو ته جيڪي قومون پاڻ کي پنهنجي ثقافت کان الڳ ڪري وٺنديون آهن ۽ اجنبي ثقافتن جي پيروي ڪنديون آهن اهي دنيا ۾ فخر سان زنده نٿيون رهي سگهن، هن چيو ته ثقافتي شناخت جو تحفظ قوم جي اعتماد کي جلا بخشيندو آهي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪندو آهي، خاتون اول سڀني صوبن ۽ علائقن جي مقامي ثقافتن کي خوبصورت انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي لوڪ ورثه جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان جي هٿ سان ٺاهيل شين جي عالمي منڊين ۾ ڀرپور تشهير ۽ ان جي وڪري جي ضرورت تي به زور ڏنو، جنهن سان قيمتي پرڏيهي ناڻو به حاصل ٿيندو، هن چيو ته ملڪ جي سياحتي ماڳن تي نادر ۽ روايتي شين جي نمائش سان به دستڪارن کي پنهنجي مصنوعات جي فروغ لاءِ موثر پليٽ فارم دستاب ٿيندو، بيگم محموده ممنون حسين تجويز ڏني ته لوڪ ورثو ۽ لاڳاپيل ادارا دستڪارن جي بهتري ۽ فلاح لاءِ حڪومت کي سفارشون پيش ڪن.