سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7نومبر2016ء) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ ڪندو. اجلاس ۾ ڪرمنل لا ترميمي بل 2016ع، پوليس آرڊر ترميمي بل 2016ع، پاڪستان پينل ڪوڊ ترميمي بل سميت مختلف ترميمي بلن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته ٻيا معاملا به غور هيٺ آندا ويندا.