قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ بحرين روانو

قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ بحرين روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق 9 رڪني پارلياماني وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دوري تي بحرين روانو ٿي ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جو هي دورو پنهنجي بحريني هم منصب جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر محمد رشيد، سلطان محمود هنجره، شهناز اسلم، سليم ملڪ، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه، فقير شير محمد بلالاڻي، محمد مزمل قريشي، عائشه سيده ۽ محمد اعجاز الحق شامل آهن، قيام دوران قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پنهنجي بحريني هم منصب کانسواءِ بحرين جي سياسي قيادت ۽ واپاري برادري سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻه طرفي واپار جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي تعليم، ثقافت ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ ٻه طرفي تعاون ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ آندا ويندا.