ياور حيات جي ڊراما شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

ياور حيات جي ڊراما شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

لاهور (پاکستان نیوز پوائنٹ 5نومبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مشهور ڊرامن جي خالق ياور حيات جي ڊرامي جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان ملڪ هڪ تخليقي ذهن ۽ عظيم اثاثي کان محروم ٿي ويو، ڊرامي جي شعبي ۾ سندس اڻٿڪ خدمتون هيون. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن سينئر ڊرامي پروڊيوسر ياور حيات مرحوم جي رهائشگاهه جي دوري جي موقعي تي سندس پٽ طارق حيات سان تعزيت جو اظهار ڪندي ڳالهائي رهي هئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير سان گڏ قومي اسيمبلي ميمبر سيما جيلاني ۽ طاهره اورنگزيب پڻ موجود هيون. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ياور حيات جي لاڏاڻي کي ڊرامي جي ميدان ۾ هڪ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو ته سندس لاڏاڻي سان ان فن ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو آساني سان نه ٿو ڀرجي سگهجي، ڊرامي جي شعبي ۾ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان ملڪ هڪ تخليقي ذهن ۽ عظيم اثاثي کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته مرحوم ياور حيات جمهوريت پسند شخصيت ۽ جمهوريت جو حامي هو. ياور حيات مرحوم جي پٽ طارق حيات ان موقعي تي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف آرٽ جا شوقين آهن ۽ سندن دل ۾ معاشري جي درد جو احساس آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ياور حيات جي لاڏاڻي تي نه رڳو ڏکويل آهي پر هن مرحوم جي خاندان سان همدردي جو اظهار ۽ هر ممڪن تعاون جي هدايت ڪئي آهي. مملڪتي وزير ان موقعي تي مرحوم جي ڊراما شعبي ۾ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ياور حيات جي ڊرامن کي ماڻهو اڄ تائين ياد ڪن ٿا، هو عظيم تخليقي ذهن جو مالڪ هو، ڊرامي جي شعبي ۾ سندس اڻ ڳڻيون خدمتون آهن. مملڪتي وزير ان موقعي تي پاڪستان حڪومت پاران مرحوم جي خاندان کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن مرحوم جي روح جي ايصال ثواب ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. واضح رهي ته سينيئر ڊراما پروڊيوسر ياور حيات ڪجهه ڏينهن اڳ 73 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، هو ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا هو، مرحوم جي مشهور ڊرامن ۾ وارث، جهوڪ سيال، سمندر، جزيره، انڌيرا اجالا، دهليز، حيرت ڪده، جهيل سميت درجنين يادگار ڊراما شامل آهن.