وزيراعظم پاران ترڪي جي شهر ديا باقر ۾ ٿيندڙ بم حملي جي مذمت

وزيراعظم پاران ترڪي جي شهر ديا باقر ۾ ٿيندڙ بم حملي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 5نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ترڪي جي ڏکڻ اوڀرندي شهر ديا باقر ۾ ٿيندڙ بم حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سانحي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏکويل آهي ۽ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان ترڪي جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي کي جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جون دعائون بهادر خاندانن سان گڏ آهن ۽ حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته اهڙي قسم جا افسوسناڪ حملا برداشت جوڳا نه آهن، دهشتگردي هڪ گڏيل مسئلو آهي ۽ پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ترڪيءَ سان گڏ بيٺل رهندو.