اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جو پي آءِ ڊي جو دورو

اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جو پي آءِ ڊي جو دورو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۽ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت کي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنڪ ۽ تشهير جا ذريعا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اهي هدايتون پي آءِ ڊي جي دوري دوران ڏنيون جتي پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين علي خان کيس پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ڪم جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت جي سيڪريٽري صبا محسن رضا ۽ وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. مملڪتي وزير چيو ته موجوده حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ پاڪستان ۾ آزاد ميديا جي ترقي جي لاءِ سهولتون جاري رکندي. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پي آءِ ڊي جي معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪارڪردگي پلان مان ورتل ڪارڪردگي اشارن جي پيروي ڪئي وڃي. پي آءِ ڊي جي آفيسرن کيس پنهنجا پيشيواراڻا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. مريم اورنگزيب ان سلسلي ۾ کين پنهنجي مڪل حمايت ۽ مدد جي خاطري ڪرائي.