سينيٽ پاران پوليس ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽا تي حملي خلاف مذمتي قرارداد منظور

سينيٽ پاران پوليس ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽا تي حملي خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) سينيٽ پوليس ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽا تي دهشتگردن جي حملي خلاف مذمتي قرارداد جي منظوري ڏني. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن قرارداد پيش ڪئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ 24 آڪٽوبر تي پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ اهلڪار شهيد ٿيا. سينيٽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ڪري ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ پاڪستان ۽ خاص طور تي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ٻاهرئين ملڪن ۽ ڪجهه ايجنسين جي ملوث هجڻ جي پڻ مذمت ڪري ٿو ۽ حڪومت تي زور ڀري ٿو ته اهڙن عنصرن کي منهن ڏنو وڃي. ايوان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.