سينيٽ پاران اڳوڻي سينيٽر قمرالزمان شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد منظور

سينيٽ پاران اڳوڻي سينيٽر قمرالزمان شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) سينيٽ اڳوڻي سينيٽر قمرالزمان شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽر تاج حيدر ان سلسلي ۾ قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان اڳوڻي سينيٽر سيد قمرالزمان شاهه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. سيد قمرالزمان شاهه بزرگ سياستدان هو، هو سينيٽ جي ميمبر کانسواءِ قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي طور تي فرض پڻ انجام ڏنا. هو 1977ع تائين سينيٽ جو ميمبر رهيو. هو پنهنجي سياسي دور ۾ ٻه ڀيرا جيل ويو، هو پيپلزپارٽي جي باني ميمبرن ۾ شامل هو. سندس ملڪ جي لاءِ خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رهنديون.