پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

نڙهه – ڪهوٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي، پڳڙيون اڇلائيندڙ، لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪندڙ ڪڏهن پاڪستاني عوام جو ليڊر نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي، مخالفن کي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي ۽ هو ان جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن نڙهه، ڪهوٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيئرمين راجا ظفرالحق، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ صوبائي وزير راجا اشفاق سرور پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال کي جديد بڻائڻ، 12 اسڪولن کي هايئر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيڻ، ڇوڪرين جي لاءِ ڪاليج قائم ڪرڻ، ڪهوٽا ۽ ڪلرسيدان ۾ 100 ڪلوميٽر رستن جي تعمير جي لاءِ فنڊن جي فراهمي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪري ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو ويو، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موٽرويز تعمير ڪيو ويو، بجلي ۽ گئس جا منصوبا شروع ڪيا ويا، ڪشمير تي عالمي ضمير کي بيدار ڪيو ويو، گوادر کان خنجراب تائين رستو تعمير ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نڙهه جو علائقو خوبصورت ترين علائقو آهي، خواهش آهي ته هتي سياحت کي فروغ ملي ۽ ماڻهو مري ۽ ٻين سياحتي جاين وانگر هن علائقي جي سياحت جي لاءِ به اچن. هن چيو ته خوبصورت علائقي وانگر هتي جا ماڻهو به ڏاڍا سٺا آهن. هن چيو ته پاڪستاني ماڻهو سچا آهن، ڪو ڪوڙ ڳالهائيندڙ انهن جو ليڊر نه ٿو ٿي سگهي، سرعام پٽڪا لاهيندڙ اڳواڻ نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته هن علائقي کي سلام پيش ڪريان ٿو ته هتان جي بلدياتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار اهڙو نه هو جنهن پٽڪا لاهيندڙن جي ٽڪيٽ ورتي هجي. هن چيو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، نڙهه ۽ ڪهوٽا جهڙا علائقا به ترقي ڪري رهيا آهن، مخالفن کي خبر آهي ته علائقي ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي ۽ ٻن ڦاڪن وارو خوبصورت ايڪسپريس وي ٺاهڻ سان علائقي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ان لاءِ هو رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن جيڪي خوشحالي جو رستو روڪڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ترقي رڳو مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٿي. هن چيو ته مون گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪندي چيو ته اسان ڪنهن کان ڊڄڻ يا گهٻرائڻ وارا نه آهيون. هن چيو ته ترقي جو سفر جاري رهندو، ترقي جو ڦيٿو روڪيندڙ ڪامياب نه ٿيندا، جن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، مخالفن آئيني ۾ پنهنجو چهرو به ڏسي ورتو آهي. هن چيو ته اسان محنت ۽ ديانتداري سان ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪو اسان تي آڱر نه ٿو کڻي سگهي ته اسان ڪنهن پراجيڪٽ ۾ پئسا يا ڪميشن ورتي آهي. هن چيو ته بيروزگاري جو خاتمو منهنجي اولين ترجيح آهي، اسان دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، شاگردن کي بهترين تعليمي سهولتن سان ليپ فراهم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اربين رپين جا وظيفا پڻ ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته غريبن جي علاج جي لاءِ اسپتالون ٺاهيون پيون وڃن. ريلوي کي ٺيڪ ڪيو ويو آهي، پي آءِ اي جي معاملن ۾ بهتري آندي وئي آهي ۽ پي آءِ اي کي دنيا جي بهترين ايئرلائين بڻايو ويو آهي، حاجي سڳورا جن کي اڳ ۾ انهن کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون هيون هاڻي انهن سان وي آءِ پي وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. هن چيوته نڙهه جو اسلام آباد کان سفر ٽن ڪلاڪن مان گهٽ ٿي هڪ ڪلاڪ تائين آڻڻ جي لاءِ بهترين رستو تعمير ڪيو ويندو ۽ ان جي لاءِ جبلن ۾ سرنگون تعمير ڪيون وينديون. هن چيو ته خنجراب کان گوادر تائين بهترين رستو تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن کي پاڪستان ۽ چين جي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ چين جو واپاري سامان پاڪستان رستي ٻاهرئين ملڪ منڊين ۽ يورپ تائين ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گئس جي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، اڳ ۾ 16 ۽ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، ماضي جي حڪومتن لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو. هن چيو ته مخالفن جي ايجنڊا ترقي جي ايجنڊا نه آهي، هاڻي لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي آهي، هن پوري علائقي ۾ گئس ۽ بجلي ايندي. هن راجا ظفرالحق ۽ شاهد خاقان عباسي کي خراج تحسين پيش ڪيو جن هن علائقي جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته من ۽ شاهد خاقان عباسي 14 مهينا جيل ڪاٽي، اسان جو ڪهڙو ڏوهه هو، اسان کي اٽڪ قلعي ۾ رکيو ويو. هن چيو ته اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي، عوام بار بار مسلم ليگ (ن) کي ملڪ جي ترقي جو موقعو ڏيندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ ان ڪم ۾ سڀني جو هٿ ونڊائڻ گهرجي، موٽروي ٺهي رهيا آهن، رستا ٺهي رهيا آهن، گئس اچي رهي آهي. وزيراعظم علائقي جي ترقي جي لاءِ اعلان ڪندي چيو ته هتي خوبصورت رستو تعمير ڪيو ويندو، ڪهوٽا تعلقي ۽ ڪلر سيدان جي سمورين يونين ڪائونسلن کي گئس ۽ بجلي فراهم ڪئي ويندي، ڪهوٽا جي تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال کي جديد بڻايو ويندو جتي علاج جون سموريون سهولتون هونديون، 12 اسڪولن جو درجو وڌائي هايئر سيڪنڊري اسڪول ڪيو ويندو، هتي ڪاليج قائم ڪيو ويندو، ڪهوٽا ۽ ڪلرسيدان ۾ 100 ڪلوميٽر رستن جي تعمير لاءِ فنڊ فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته انهن منصوبن تي اربين رپيا لاڳت ايندي جنهن سان علائقي ۾ وڏي ترقي ۽ غربت جو خاتمو ٿيندو.