ٽن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ٽن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي پڻ ساراهيو پيو وڃي، ناڻي واڌ جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي جو رجحان آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 24 ارب ڊالر کان مٿي ٿي چڪا آهن. هن اها ڳالهه چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي ڪنسوريشم جي وفد سان ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم وفد جو شاندار استقبال ڪندي چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿيندڙ سدابهار دوستي ۽ تعاون تي چين جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سي پيڪ هڪ گيم چينجر آهي جيڪو خطي جي اربين ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اقتصادي منظرنامو گذريل ٽن سالن ۾ بدلجي ويو آهي جنهن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو پيو وڃي. اسٽينڊرڊ اينڊ پورز پڻ پاڪستان جي رينڪنگ مائينس بي مان بي ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ڊوئنگ بزنس 2017ع رپورٽ ۾ هن سال بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 10 ملڪن مان هڪ آهي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ناڻي واڌ جي شرح لاڳيتو هيٺ وڃي رهي آهي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان پڻ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آئي آهي. پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا هاڻي 24 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته اسان جي سيڙپڪار پاليسي پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڍانچو فراهم ڪرڻ جي لاءِ جوڙي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جا پاليسي رجحان لبرلائيزيشن، ڊي ريگيوليشن، پرائيويٽائيزيشن سان هم آهنگ آهن ۽ ان ڏس ۾ سهولتن جي فراهمي کي اولين حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز جو قانون جوڙيو ويو آهي ته جيئن سڌو سنئون سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ چٽاڀيٽي جي عالمي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. وزيراعظم، ناڻي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزارتن، پاڻي ۽ بجلي جي سيڪريٽري ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي سان چيني وفد جي ملاقاتن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته چيني وفد جي ميمبرن کي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر جي ترقي، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن بابت مختلف وزارتن پاران ڏني ويندڙ بريفنگ جي ڏس ۾ وفد جو دورو تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن جي اقتصادي بحالي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيو. وفد چيو ته پاڪستان سنڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي جذب ۽ ان مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پوري طرح تيار ۽ ان جي اهليت رکي ٿو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ۽ توانائي جي شعبن تي خاص ڌيان واري وزيراعظم جي ويزن جي بنياد تي پاڪستان جي لاءِ 3 ارب ڊالر سيڙپڪاري فنڊ آڻي رهيو آهي. چيني وفد پاڪستان حڪومت جي اجازت کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ نئين ايئرلائين شروع ڪرڻ جو امڪان ڳولڻ جي پنهنجي ارادي جو پڻ اظهار ڪيو. وفد چيو ته هو انفراسٽرڪچر، بجلي، هوابازي ۽ ٽوئرازم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سرگرمي سان پيروي ڪري رهيو آهي. اسان وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن کي ساراهيون ٿا جيڪو ان امر جو حامل آهي ته اقتصادي خوشحالي بنيادي ڍانچي تي ٻڌل مواصلاتي رابطن ۽ توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. وفد جي ميمبرن چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ توانائي ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت آزاداڻي سيڙپڪاري نظام رکندڙ آهي جيڪو مثالي ۽ سيڙپڪاري دوست ماحول پيش ڪري ٿي جنهن جي لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف جو قائداڻو ڪردار انتهائي تحسين جوڳو آهي.