عمران خان مايوس شخص آهي، مسلسل شڪستون اچڻ کانپوءِ سندس مايوسي هاڻي پريشاني ۾ تبديل ٿي وئي آهي: مسعود ملڪ

عمران خان مايوس شخص آهي، مسلسل شڪستون اچڻ کانپوءِ سندس مايوسي هاڻي پريشاني ۾ تبديل ٿي وئي آهي: مسعود ملڪ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان مايوس شخص آهي، مسلسل شڪستون اچڻ کانپوءِ سندس مايوسي هاڻي پريشاني ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام فوڪس پاڪستان ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي تقرير ۽ بيانن سميت عمران خان جي سمورن قدمن مان پريشاني واضح آهي. پاناما پيپرز جو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ آهي ۽ ان جي ٻڌڻي به ٿي رهي آهي، ڌرين جا وڪيل به پيش ٿي رهيا آهن پر عمران خان عدالت کان ٻاهر پنهنجي عدالت لڳائي رهيو آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ سٺي ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي قانون ان جي اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته عمران خان کي گهرجي ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪري ۽ آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي نه ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ مسعود ملڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف نظرياتي پارٽي نه آهي ۽ هن پارٽي هڪ خاص ماحول ۾ جنم ورتو آهي، جنهن کي ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي خلاف استعمال ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ تبديلي جو نعرو ته هنيو پر تبديلي آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. عمران خان وٽ بهترين موقعو هو جو هو پنهنجي حڪومتي صوبي خيبرپختونخواهه ۾ مثالي ڪم ڪري ها ۽ ان کي ٻين جي لاءِ هڪ مثال بڻائي ها پر اها ان صوبي ۾ به تبديلي آڻڻ ۾ ناڪام رهي ۽ هن عوام جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. عمران خان جي ناڪامي جو هڪ اهم سبب سندس ايجنڊا ۾ ترقياتي منصوبن جو نه هجڻ آهي. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته جيتوڻيڪ وزيراعظم محمد نواز شريف جو نالو پاناما پيپرز ۾ موجود نه آهي پوءِ به هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ کي به هڪ خط لکيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمهوري نظام ۾ سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهندي ڪم ڪن ٿا ۽ مشڪل ان وقت پيدا ٿئي ٿي جڏهن ڪو ادارو پنهنجي آئيني حدن کي ڪراس ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن آمر ملڪ تي قبضو ڪيو ته ملڪ جو ئي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جو به هڪ اهم ڪردار آهي ڇو ته ان کي سڄي قانونسازي ڪرڻي هوندي آهي.