صدر پاران سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن کي سدائين لاءِ سيڪيورٽي ڏيڻ جي منظوري

صدر پاران سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن کي سدائين لاءِ سيڪيورٽي ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) صدر ممنون حسين سپريم ڪورٽ جي ججن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ تاحيات پنهنجي رهائشگاهه تي سيڪيورٽي گارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان جاري آرڊر موجب ججن کي لاڳاپيل علائقي جي پوليس پاران سيڪيورٽي گارڊ فراهم ڪيا ويندا تنهن هوندي به ججن جي بيواهن کي اها سهولت نه هوندي.