وزيراعظم محمد نواز شريف سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي: مملڪتي وزير اورنگزيب

وزيراعظم محمد نواز شريف سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي: مملڪتي وزير اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏنو آهي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سياسي ڪلچر ۾ سهپ هجي، موجوده حڪومت جي موثر پاليسين سبب دهشتگردي جي حملن ۾ 85 سيڪڙو گهٽتائي آئي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي (سي پيڪ) ذريعي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ عالمي مالياتي ادارن پاران پاڪستان کي بهترين اڪانومي قرار ڏنو پيو وڃي، ميڊيا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪري، وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما ليڪس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ کي ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ خط لکيو هو پر ان وقت مخالف ڌر ڪٿي نه پئي بيٺي، گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ اڄ معاملو ڪميشن تي پهتو آهي، صحافين جي تحفظ جي لاءِ مفصل بل جلد پارليامينٽ ۾ آندو ويندو، موجوده جمهوري حڪومت ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي پابندي جو تصور نه ٿي ڪري سگهي، ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي حوالي سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بامقصد تربيت ڏئي رهي آهي، صحافين جي تحفظ جو بل اسيمبلي ۾ آڻي رهيا آهيون، ميڊيا تنظيمون ان بل جو تفصيلي مطالعو ڪري ۽ جائزو وٺن جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ترميم چاهين ٿيون ته پنهنجون تجويزون ڏين، قومي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي پريس ڪلبن جي ڪردار کي فعال بڻايو ويندو، احتساب جي لاءِ حڪومتي بل سمورن رخن جو احاطو ڪري ٿو، مخالف ڌر جي احتساب بل ۾ رڳو هڪ شخصيت کي هدف بڻايو ويو آهي. هو ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي ميڊيا گيلري ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) ۽ سينيئر صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مريم اورنگزيب پارليامينٽ هائوس ۾ قائم پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس جو پڻ دورو ڪيو. پي آر اي جي صدر صديق ساجد کانسواءِ ٻين عهديدارن ۽ سينيئر صحافين جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون وزيراعظم جي ٿورائتي آهيان جنهن منهنجي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو عهدو ڏنو آهي. هن چيو ته ميڊيا ۽ پارليامينٽرينز سان گڏجي پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته موجوده حڪومت راءِ جي اظهار ۽ ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، گڏجي قاعدا ۽ ضابطا ٺاهڻا آهن، جنهن جو مقصد پاڪستان کي اڳيان وٺي وڃڻو آهي، اسان ڪنهن به قسم جي تنقيد جي خلاف نه آهيون پر تنقيد مثبت هجڻ گهرجي اسان مثبت تنقيد جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) تي دنيا ”عام ماڻهو جي زندگي کي ڪهڙي طرح بهتر ڪري سگهجي ٿو“ جو روڊ ميپ تيار ڪيو آهي جنهن تي پاڪستان صحيحون ڪيون آهن، پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ايس ڊي جيز جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو آهي، ايس ڊي جيز جي تربيت جو سلسو پڻ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان جي شروعات پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان پارلياماني صحافين جي تربيت سان ڪنداسين. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ جيڪي فيلڊ ۾ ڪوريج يا پروگرام جي ميزباني ڪن ٿا انهن کي پيمرا ۽ پنهنجي ميديا هائوسز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻ به ناهي هوندي، پهريون ڀيرو صحافين جي تحفظ جي لاءِ هڪ مفصل بل تيار ڪيو آهي جيڪو جلد ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ ۾ آندو ويندو. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ پريس ڪلب جي تمام گهڻي اهميت هئي پر بعد ۾ اها گهٽ ٿي وئي، اسان کي پريس ڪلبن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻو آهي، پريس ڪلبن کي اسٽيٽ آف دي آرٽ بڻايو ويندو. هن چيو ته اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ موجوده پارليامينٽ جو هڪ اعزاز اهو به آهي ته پوري پارليامينٽ کي انرجي سيور تي منتقل ڪيو ويو ۽ ان ئي پارليامينٽ جي اندر ايس ڊي جيز جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو آهي جتي تحقيق به جاري آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ان تحقيق مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سياست ۾ بدتميزي جي ڪلچر کي فروغ نه ملڻ گهرجي جيڪڏهن هر طرف کان بدتميزي شروع ٿي ته اسان نئين نسل کي ڇا ڏينداسين، مسلم ليگ (ن) جي قيادت سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي ۽ ان ئي ڪلچر کي فروغ ڏئي رهي آهي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سياسي ڪلچر ۾ سهپ هجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪابينا جي سمورن سينيئر وزيرن کان سکي رهي آهيان، هر وزير پنهنجي اندر هڪ مڪمل ٿنڪ ٽينڪ آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر ۽ گهرو معاملن جي پارلياماني سيڪريٽري جون ذميواريون ملڻ کانپوءِ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سياسي معاملن تي منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ کانئس تمام گهڻو ڪجهه سکيو. هن چيو ته موجوده حڪومت جي موثر پاليسين سبب دهشتگردي جي حملن ۾ 85 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي (سي پيڪ) ذريعي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ عالمي مالياتي ادارن پاران پاڪستان کي بهترين اڪانومي قرار ڏنو پيو وڃي، ميڊيا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪري. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما ليڪس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ کي ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ خط لکيو ان وقت مخالف ڌر ڪنهن ڳالهه تي نٿي بيٺي تمام گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ اڄ معاملو ڪميشن تي پهتو آهي.