مريم اورنگزيب پاران ڪراچي ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران ڪراچي ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪراچي ۾ ٻن مسافر ٽرينن جي ٽڪر ۽ موٽروي تي حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿيندڙ مسافرن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.