پيپلزپارٽي پاران گڏاڻي ۾ باهه جي واقعي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

پيپلزپارٽي پاران گڏاڻي ۾ باهه جي واقعي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) پاڪستان پيپلزپارٽي گڏاڻي ۾ باهه جي واقعي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پيپلزپارٽي جي ميمبرن سيد نويد قمر، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ مير عامر علي خان مگسي پاران جمع ڪرايل ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ گڏاڻي شپ يارڊ ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته ايوان ۾ ان معاملي تي وضاحت ڪئي وڃي.