وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ ٽرين حادثي جي انڪوائري جو حڪم

وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ ٽرين حادثي جي انڪوائري جو حڪم

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪراچي ۾ ٽرين حادثي جي انڪوائري جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي ڦاٿل ماڻهن جون زندگيون بچائڻ جي لاءِ فوري امدادي سرگرمين جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ان افسوسناڪ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ جاءِ ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي.