وزيراعظم عمران خان ترڪي جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو

وزيراعظم عمران خان ترڪي جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي خميس ڏينهن ترڪي جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو سندس ترڪي جو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر، منصوبابندي وارو وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ آهي. دوري دوران وزيراعظم عمران خان ترڪي جي صدر سان ملاقات ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي وسيع تر معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ان موقعي تي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم انقره ۾ رهڻ دوران بزنس فورم کي خطاب ۽ ترڪ ڪاروباري شخصيتن ۽ متوقع سيڙپڪارن سان ملاقاتون به ڪندو.