شهباز شريف اتفاق راءِ سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

شهباز شريف اتفاق راءِ سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز21دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمد شهباز شريف کي اتفاق راءِ سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي. جمعي ڏينهن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، رياض فتيانه، نصر الله دريشڪ، اعجاز احمد شاهه، اقبال محمد علي خان، نور عالم خان، شهباز شريف، مشاهد حسين سيد، شيخ روحيل اصغر، شاهده اختر علي، راجا پرويز اشرف، حنا رباني کر، شيري رحمان، سردار اياز صادق، سيد نويد قمر، شبلي فراز، رانا تنوير حسين ۽ سردار اختر مينگل شرڪت ڪئي. چونڊ عمل جي نگراني قومي اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري قمر سهيل لوڌي شرڪت ڪئي. شهباز شريف جو نالو مسلم ليگ (ن) جي ميمبر شيخ روحيل اصغر تجويز ڪيو هو جنهن جي تائيد حڪومت جي طرفان ملڪ عامر ڊوگر ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد حسين سيد ڪئي. قمر سهيل لوڌي اعلان ڪيو ته ميان محمد شهباز شريف کي اتفاق راءِ سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي، هن نئين چونڊيل چيئرمين کي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي طرفان مبارڪباد پيش ڪئي، چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شهباز شريف سمورن ميمبرن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ان تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو هو ان تي پورو لهندو. حنا رباني کر چيو ته چئن مهينن جي جدوجهد کانپوءِ پي اي سي جي چيئرمين جي چونڊ ممڪن ٿي سگهي جيڪا بهترين جمهوري روايتن جي عڪاس آهي. سينيٽ ۾ قائدايوان شبلي فراز چيو ته اسان سڀني کي انفرادي ۽ اجمتاعي لحاظ کان عوامي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف شبهاز شريف کي مبارڪباد پيش ڪئي، اقبال محمد علي خان چيو ته سڀني شهباز شريف تي اعتماد ڪري چيئرمين بڻايو ان سان سٺو پيغام ويندو، نور عالم خان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اسان کي اميد آهي ته جڏهن احتساب جي حوالي سان چيئرمين پي اي سي جي خاندان جي ڪنهن ميمبر جو نالو ايندو ته هو ڪميٽي جي صدارت ڪنهن ٻي جي حوالي ڪري ڇڏيندو. جنهن تي شبهاز شريف چيو ته توهان کي اهو چوڻ جو موقعو نه ڏيندس، رانا تنوير حسين ۽ اعجاز محمد شاهه به پي اي سي جي چيئرمين کي مبارڪباد پيش ڪئي، پي اي سي جي چيئرمين شهباز شريف اجلاس کي ٻڌايو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو پهريون باقاعده اجلاس 28 ڊسمبر تي ٿيندو.