نواز شريف جي صدارت ۾ پارٽي جو اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس

نواز شريف جي صدارت ۾ پارٽي جو  اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز17دسمبر 2018ء) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ پارٽي جو اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، رانا تنوير حسين، ميان جاويد لطيف، مريم اورنگزخيب، مشاهد حسين سيد، سيد سردار اياز صادق سميت ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سڄي ملڪ ۾ پارٽي کي فعال ڪرڻ جي حوالي سان ميان نواز شريف کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ملڪي موجوده تازي سياسي صورتحال ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ اسپيڪر پاران خواجه سعد رفيق جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان پارٽي حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.