وزيراعظم پاران قبائلي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار

وزيراعظم پاران قبائلي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار

پشاور (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان قبائلي عوام کي صحت، تعليم ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي قبائلي ضلعن ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن جي تعمير جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن اها هدايت جمعي ڏينهن هتي فاٽا انضمام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، وڏي وزير محمود خان، ناڻي واري صوبائي وزير تيمور خان، وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد ارباب، خاص مددگار نعيم الحق، افتخار دراني، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم کي فاٽا انضمام جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم گورنر ۽ وڏي وزير جي سربراهي ۾ هر قبائلي ضلعي جي لاءِ عملدرآمد ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي صوبائي وزيرن ۽ ضلعي سان تعلق رکندڙ سينيٽر به شامل ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته گورنر ۽ وڏو وزير خيبرپختونخوا جي سمورن قبائلي ضلعن جو پاڻ دورو ڪندا ته جيئن عوام کي انضمام جي حوالي سان کنيل قدمن تي اعتماد ۾ ورتو وڃي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انتظامي انتظام جا سڀ مرحلا خوش اسلوبي سان مڪمل ٿي چڪا آهن.