پاڪستان ۾ جلد نمايان تبديلي ۽ سيڙپڪار دوست ڪلچر ڏسڻ ۾ ايندو: وزيراعظم عمران خان

پاڪستان ۾ جلد نمايان تبديلي ۽ سيڙپڪار دوست ڪلچر ڏسڻ ۾ ايندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان ڪاروباري برادري کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ نمايان تبديلي ۽ سيڙپڪار دوست ڪلچر ڏسڻ ۾ ايندو، غربت جي خاتمي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ضرورت آهي، منهنجو ويزن آهي ته ملڪ پاڻ ڀرو ٿئي ۽ غربت جو خاتمو ٿئي، جائز طريقي سان پئسو ڪمائڻ ۾ ڪابه برائي نه آهي، سيڙپڪاري سان ئي ملڪ ترقي ڪندا آهن، موجوده حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ جامع پروگرام تي عمل پيرا آهي، هو ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پاڪستان اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته جائزو طريقي سان پسئو ڪمائڻ ۾ ڪا به برائي نه آهي جيڪڏهن ڪو ملڪ پئسو نٿو ٺاهي اهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، منهنجا سياست ۾ اچڻ جا ٻه ويزن هئا ان ۾ هڪ اهو هو ته پاڪستان پاڻڀرو ملڪ بڻجي ۽ ٻيو اهو ته ملڪ مان غربت جو خاتمو ٿئي، وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان جو پهريون نسل هئاسين ، اسان جا والدين هڪ غلام ملڪ ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ اسان کي پاڪستان ۾ آزادي تي وڏو فخر هو، پر بدقسمتي سان شروع کان ئي اسان کي ٻين تي ڀاڙڻ جي عادت پئجي وئي ۽ چيو ويندو رهيو ته جيڪڏهن اسان کي امداد نه ملندي ته ملڪ جي بقا خطري ۾ پئجي ويندي ۽ ان جي لاءِ اسان پنهنجي وقار ۽ آزادي تي ٺاهه ڪيو، قومن جي ترقي لاءِ پاڻڀرو ٿيڻ ۽ عزت ۽ وقار کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ قومون پنهنجو فيصلا پاڻ ڪنديون آهن ۽ ملڪ خودمختيار بڻجن ٿا، هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ هجڻ گهرجي ها ۽ 60جي ڏهاڪي ۾ هڪ اهڙو ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو هو جو اسان غريب ملڪن کي امداد ڏيون ٿا پر ملڪ ۾ 22 خاندانن خلاف هڪ مهم هلي جنهن سان هڪ رڪاوٽ پيدا ٿي وئي ان کانپوءِ ادارن کي نيشنلائيز ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ان وقت مون تقريرن ۾ پنهنجي ڪنن ۾ ٻڌو ته سيڙپڪار ئي خراب هو، هن چيو ته جيستائين توهان ڪنهن ملڪ ۾ پئسو بڻائڻ کي هڪ سزا ۽ خراب شيءَ بڻائيندا ۽ سيڙپڪار سان هڪ ڏوهاري جهڙو سلوڪ ڪندا ته اهڙا معاشرا ڪڏهن به اڳتي نٿا وڌي سگهن ۽ اهڙا ملڪ پنهنجي پيرن تي نٿا بيهي سگهن، جيڪڏهن توهان وٽ پئسو ئي ناهي ۽ ان ۾ اضافو نه پيو ٿئي ۽ خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ملڪ کي هٿ ٽنگڻو پوندو ۽ اهو ترقي نه ڪري سگهندو وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون سياست ۾ آيس ته مون چاهيو ٿي ته ملڪ مان غربت جو خاتمو ٿئي ۽ جيستائين ملڪ ۾ پئسو ئي نه بڻجندو ته پوءِ غربت ڪٿان ختم ٿيندي، هن ان ڏس ۾ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ چين جو مثال پيش ڪندي چيو ته اتي پئسو ڪمائيندڙ ۽ ماڻهن کي پنهنجن پيرن تي بيهاري 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ويو، وزيراعظم غربت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن جائز طريقي سان پئسو ڪمائڻ جا وڌ کان وڌ موقعا دستاب هجن، ٽيڪس چوري ناجائز طريقي سان پئسو ڪمائڻ غلط آهي،موجوده حڪومت جائز ذريعن سان پئسو ڪمائڻ جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڪاروباري طبقي جي ترقي ۽ ان جي ڪاروربار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ نئون ڪلچر متعارف ڪرائي رهي آهي هن چيو ته جائز طريقي سان دولت ڪمائڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي خواهش آهي ته پاڪستان هڪ خوددار ۽ پاڻڀرو ملڪ بڻجي، هن چيو ته حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ ملائي رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اڄ ئي هڪ طويل اجلاس جي صدارت ڪئي آهي جنهن ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪس نظام ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ تي تفصيلي غور ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني اجلاس گهرايو ويندو ۽ ان حوالي سان وزيراعظم آفيس ۾ آفيس کولي ويندي جنهن جو مقصد اهو هوندو ته ڪاروبار ۾ ايندڙ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اجلاس ۾ ايف بي آر جي چيئرمين کان اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته پئسو ڪمائڻ جي حوالي سان سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته اسان ان رخ ۾ اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا ۽ ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪنداسين،هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ روانگي واپار کي وڌائڻو آهي، 6 ڪروڙ تي ٻڌل ملڪ ملائيشيا جي ايڪسپورٽ 220 ارب ڊالر ۽ سنگاپور جو روانگي واپار 330 ارب ڊالر آهي جيڪڏهن 60 جي ڏهاڪي وانگر ترقي جو اسان جو سفر جاري رهي هئا ته پاڪستان انهن سڀني ملڪن کان اڳيان نڪري چڪو هجي ها، وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت معاشري مان غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ غذائي کوٽ سبب 43 سيڪڙو ٻارن جي ذهني اوسر نه پئي ٿئي، ماءُ ۽ ٻار جي لاءِ ايتري خوراڪ ئي ميسر ناهي جنهن کي استعمال ۾ آڻي ٻارن جي ذهني نشو نماءُ ۾ بهتري آڻي سگهجي، پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي لاءِ جامع پروگرام آڻي رهيا آهيون ۽ سڀني ادارن کي گڏ ڪري ان جي آفيس وزيراعظم آفيس ۾ کولي ويندي، هن چيوته 21 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل پاڪستان جو روانگي واپار صرف 24ا رب ڊالر آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي وڌايون، وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ ۽ اسمگلنگ کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسي ٺاهي پئي وڃي، اسمگلنگ جا اثر سڌا سنوان اسان جي صنعتن تي پئجي رهيا آهن، سڀني ادارن ۽ لاڳاپيل ايجنسين کي گڏ ڪيو آهي ته جيئن اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ کي روڪي سگهجي، اهڙي طرح پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي کي قانوني طريقي سان پاڪستان آڻڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، سي پيڪ ۽ اسان جا 30 کان 35 سالن جا 12 ڪروڙ نوجوان اسان جي ترقي جو سبب بڻجندا. هن چيو ته حڪومت ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ ريڪوڊڪ ذخيرن کي به ڏٺو ويو آهي، بلوچستان ۾ ٽامي جا وڏا ذخيرا آهن، ٿر ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا آهن اسان کي صرف سيڙپڪارن جي مدد ڪري انهن کي سهولتون ڏيڻيون آهن هن چيو ته وفاقي ڪابينا ٽيڪس وصولي ۽ ٽيڪس پاليسي کي جدا جدا ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته آئون بزنس ڪائونسل سان ملاقات ڪندس ۽ مسلسل رابطي ۾ رهي انهن کان تجويزون وٺندس، هن چيو ته ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري جيستائين هو جائز طريقي سان پئسو نٿو ٺاهي، هن چيو ته جڏهن هن 20 سال اڳ پهريون ڀيرو مهاتير محمد سان ملاقات ڪئي ته هن اها ئي ڳالهه ڪئي ۽ دبئي ۾ تازو شيخ محمد به اها ئي ڳالهه ڪئي ته منهنجي والد مون کي هڪڙي شيءَ سيکاري ته مانهن کي پئسو ٺاهڻ ڏيو جڏهن ماڻهو پئسو ٺاهين ته ٻيا ماڻهو به هتي اچي پئسو ٺاهيندا آهن، هن چيو ته منهنجو مقصد آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي جائز طريقي سان پئسو ڪمائڻ جي ضرورت آهي