اسان هن ايوان کي افهام ۽ تفهيم سان هلائڻ چاهيون ٿا: شفقت محمود

اسان هن ايوان کي افهام ۽ تفهيم سان هلائڻ چاهيون ٿا: شفقت محمود

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان هن ايوان کي افهام ۽ تفهيم سان هلائڻ چاهيون ٿا، گذريل پنجن سالن ۾ اسان ڪڏهن قائد ايوان کي ڳالهائڻ کان ناهي روڪيو، تنهن هوندي به وزيراعظم عمران خان کي پهرين ڏينهن ئي جهڙي طرح سان ايوان ۾ ڳالهائڻ کان روڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي تعليم واري وزير شفقت محمود چيو ته اڳوڻي اسپيڪر واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو جيڪو افسوسناڪ آهي، ايوان جي سٺي ماحول کي هنن پائمال ڪيو آهي، حڪومت ايڏي وڏي فراخدلي جو مظاهرو ڪندي پي اي سي جي چيئرمين جو مسئلو حل ڪيو، هن چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ ڪو اهڙو موقعو ناهي آيو جڏهن وزيراعظم بيان ڏيڻ چاهيو ته مخالف ڌر ان کي روڪيو، جنهن ڏينهن وزيراعظم جي چونڊ ٿي مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان کي جهڙي طرح روڪيو اهو به سڀني جي سامهون آهي، خواجه آصف دفاع واري وزيرطور شيرين مزاري جي خلاف انتهائي غلط زبان استعمال ڪئي، اسان ڪڏهن اهڙي زبان استعمال ناهي ڪئي، اسان هن ايوان کي افهام ۽ تفهيم سان هلائڻ چاهيون ٿا.