وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ جي سينيٽرن کي اجلاسن ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت

وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ جي سينيٽرن کي اجلاسن ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽ ميمبرن کي سينيٽ جي سمورن اجلاسن ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو مختلف شعبن ۾ حڪومت جي طرفان ٿيندڙ سڌارن، ترقياتي منصوبن ۽ منصوبابندي جي باري ۾ پي ٽي آءِ جي ڀرپور نمائندگي ڪن. هن اها ڳالهه سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز جي قيادت ۾ خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جي سينيٽرن سان ڳالهائيندي چئي جنهن خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پي ٽي آءِ جي سينيٽرن کي هدايت ڪئي ته هو سينيٽ کي حڪومتي قدمن کان آگاهه رکن ۽ حڪومت طرفان مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ سڌارن، ترقياتي منصوبن ۽ منصوبابندي جي باري ۾ سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڀرپور نمائندگي ڪن.