بلوچستان صوبي جو سڀ کان وڏو مسئلو گورننس رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان

بلوچستان صوبي جو سڀ کان وڏو مسئلو گورننس رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قدرتي وسيلن سان مالا مال بلوچستان صوبي جو سڀ کان وڏو مسئلو گورننس رهيو آهي، طاقتور جي لاءِ هڪ قانون ۽ ڪمزور جي لاءِ ٻيو قانون رهيو آهي، ماضي م بلوچستان کي ملندڙ ترقياتي فنڊن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿيندي رهي آهي موجوده حڪومت اڳوڻين حڪومتن کان مختلف آهي، نئين بلدياتي نظام ۾ ترقياتي فنڊ ڳوٺاڻي سطح تي مهيا ڪيا ويندا، سي پيڪ بلوچستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو روشن بابت ثابت ٿيندو، هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن ڪيڊٽ ڪاليج قلعه سيف الله جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي، ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال به موجود هئي، بلوچستان جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ڪيڊٽ ڪاليج قعله سيف الله جي ڪيڊٽس جي وزيراعظم سان بلوچستان جي مجموعي صورتحال، بلوچستان جي مسئلن، تعليم ۽ ٻين موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته بلوچستان صوبي جو وڏو مسئلو گورننس رهيو آهي اهو صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي تنهن هوندي به ماضي جي حڪومتن جي بدانتظامي جي ڪري صوبو پسماندگي جو شڪار آهي، وزيراعظم سوئيٽزرلينڊ جو مثال ڏيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ جا وسيلا محدود آهن پر گڊ گورننس جي ڪري سوئيٽزرلينڊ اڄ يورپ جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي، هن چيو ته جتي ڪرپشن هوندي آهي اتي جو عوام پسماندگي جو شڪار هوندو آهي وزيراعظم مديني جي رياست ۽ خلافت راشده جو مثال ڏيندي چيو ته اسان جي نبي صه رياست جا جيڪي سونهري اصول جوڙيا انهن تي عمل ڪري مسلمانن محدود وسيلن جي باوجود دنيا جي امامت ڪئي، وزيراعظم چيو ته بدقسمتي ۾ بلوچستان ۾ طاقتور جي لاءِ هڪ قانون ۽ ڪمزور جي لاءِ ٻيو قانون رهيو آهي، ماضي ۾ بلوچستان کي ملندڙ ترقياتي فنڊن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي، هيٺين سطح تي فنڊ منتقل نه ٿيڻ سان علائقا پسماندگي جو شڪار رهيا، هن چيو ته موجوده حڪومت اڳوڻين حڪومتن کان مختلف آهي ۽ نئين بلدياتي نظام ۾ ترقياتي فنڊ ڳوٺاڻي سطح تي مهيا ڪيا ويندا ته جيئن عوام يج ضرورتن موجب انهن ترقياتي فنڊن جو صحيح استعمال يقيني بڻائي سگهجي، هن چيو ته سي پيڪ بلوچستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو روشن بابت ثابت ٿيندو، هن چيو ته حڪومت کي بلوچستان ۾ پاڻي جي سنگين صورتحال جو پتو آهي پاڻي جي فراهمي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع پلاننگ، پاڻي جي سهي استعمال ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ گهٽ وچئين ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.