وزيراعظم سان اينگرو فوڊز اينڊ فرائيز لينڊ ڪمپينا جي عالمي قيادت جي ملاقات

وزيراعظم سان اينگرو فوڊز اينڊ فرائيز لينڊ ڪمپينا جي عالمي قيادت جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان اينگرو فوڊز اينڊ فرائيز لينڊ ڪمپينا جي عالمي قيادت ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي ڊيري جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، فرائيز لينڊ ڪمپينا هالينڊ جي ڪيثرالملڪي ڊيري ڪمپني آهي جيڪا 34 ملڪن ۾ پنهنجي موجودگي سان دنيا جي ڇهين سڀ کان وڏي ڪمپني آهي. اڱاري ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ فرائيز لينڊ ڪمپينا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر هيئن شو ميڪر وزيراعظم کي ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ فارمنگ جي شعبن ۾ ڪمپني جي 145 سالن تي ٻڌل وسيع تجربي ۽ پاڪستان ۾ غذائي تحفظ جي فريم ورڪ جي جوڙجڪ جي حوالي سان ممڪنه مدد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جي ڊيري جي شعبي ۾ وسيع صلاحيت کي نظر ۾ رکندي فرائيز لينڊ ڪمپينا هتي غذائيت ۽ پيداوار جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ بهترين طريقن کي متعارف ڪرائيندي پنهنجي ڪاروبار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، وزيراعظم فرائيز لينڊ ڪمپينا ۽ اينگرو فوڊز جي طرفان پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي کي ساراهيو، هن چيو ته حڪومت پاڪستان ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم موجوده حڪومت جي طرفان پاليسين جي تسلسل ۽ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته حڪومت هڪ ريگوليٽري فريم ورڪ بڻائڻ جي ضرورت کان آگاهه آهي جيڪا نه رڳو روايتي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو پر ان سان غذائي مصنوعات جي معيار کي به يقيني بڻائي سگهبو، ان موقعي تي پريذيڊنٽ ڪنزيومر ڊيري فرائيز لينڊ ڪمپينا رائل وين نير بوس، مينيجنگ ڊائريڪٽر اينگرو فوڊز علي احمد خان ۽ ڊائريڪٽر ڪارپوريٽ آفيئر زاينگر وسعود احمد پاشا کانسواءِ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير صاحبزاده محبوب سلطان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار نعيم الحق، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين هارون شريف ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسر به موجود هئا.