وفاقي ڪابينا پاران هر ٽن مهينن کانپوءِ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

وفاقي ڪابينا پاران هر ٽن مهينن کانپوءِ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته هر ٽن مهينن کانپوءِ وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، اهو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ ڪيو ويو، وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس 9 ڪلاڪ جي ڊگهي ويهڪ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتو جنهن ۾26 وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته باقي وزارتن جي لاءِ تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته نئين پاڪستان جو بنياد رکيو ويو آهي، وزارتون گذريل سئو ڏينهن ۾ طئي ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جوڙي انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ يقيني بڻائين، اجلاس ۾ هر هڪ وزارت ۾ خدمتن جي فراهمي، ڪفايت شعاري جي پاليسي کي اختيار ڪرڻ جي ڏس ۾ کنيل قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن خاص طور تي هر هڪ وزارت جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر هڪ وزارت کي عملدرآمد لاءِ پنج سالن تي ٻڌل مخصوص اسٽريٽجڪ پلان جي تياري جو هدف ڏنو ويندو ته جيئن ڪارڪردگي کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ اهڙي طرح جو جائزه اجلاس هر ٽن مهينن کانپوءِ منعقد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ته جيئن وزارتن جي ڪارڪردگي کي جانچي سگهجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي سهي رخ ۾ گامزن رهي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد پاڪستاني شهرين جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ آهي.