قومي اسيمبلي پاران ٻارن کي تماڪ ڇڪڻ کان (روڪٿام) بل 2018ع اتفاق راءِ سان منظور

قومي اسيمبلي پاران ٻارن کي تماڪ ڇڪڻ کان (روڪٿام) بل 2018ع اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي اولهه پاڪستان جي ٻارن جي تماڪ ڇڪڻ (روڪٿام) بل 2018ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اولهه پاڪستان جي ٻارن جي تماڪ ڇڪڻ (روڪٿام) بل 2018ع جي حوالي سان 29 آڪٽوبر 2018ع تي پيش ڪيل رٿ تي وڌيڪ غور جي دوران اسپيڪر پيپلزپارٽي جي ميمبرن کي چيو ته سينيٽ مان هي بل منظور ٿي آيو آهي، مخالف ڌر پنهنجون ترميمون واپس وٺي، سيد نويد قمر چيو ته اسان ته ترميمون ان لاءِ جمع ڪرايون آهن ته جيئن بل ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، شازيه مري سيد نويد قمر جي موقف جي تائيد ڪئي، اسپيڪر چيو ته گذريل حڪومت به ان تي ڪارروائي مڪمل ڪئي آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قانون سازي جي لاءِ طريقيڪار تي ڪا ٻٽي راءِ نه آهي، ڪا نئين قانونسازي نه پئي ڪئي وڃي، اهو ئي قانون هلي رهيو آهي، نئين قانونسازي ٿئي ها ته هي ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪو هرج نه هو، سيد نويد قمر اسپيڪر جي درخواست ڪئي ته ترميمون واپس وٺندي چيو ته آئنده جي لاءِ ان طريقيڪار کان پاسو ڪيو وڃي، ان کانپوءِ اسپيڪر بل جي هڪ ٻئي پويان سمورين شقن جي اتفاق راءِ سان منظوري حاصل ڪئي، ڊاڪٽر نوشين حامد رٿ پيش ڪئي ته قومي اسيمبلي مان اتفاق راءِ سان اولهه پاڪستان جي ٻارن جي تماڪ ڇڪڻ (روڪٿام) بل 2018ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.