قومي اسيمبلي جي ڇهين سيشن جي شيڊول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي

قومي اسيمبلي جي ڇهين سيشن جي شيڊول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي جي ڇهين سيشن جي شيڊول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن موجب اجلاس 21 ڊسمبر تائين جاري رهندو، سومر ڏينهن هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، اسد عمر، شفقت محمود، مملڪتي وزير علي محمد خان، پي ٽي آءِ جو چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي جا ميمبر رياض فتيانه، اقبال محمد علي خان، روبينه عرفان، آغا حسن بلوچ، اسلم ڀوتاڻي، ميان رياض حسين پيرزاده، سيد نويد قمر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ مولانا عبدالواسع شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان طئي ٿيو ته قومي اسيمبلي جو ڇهون اجلاس 21 ڊسمبر تائين جاري رهندو ۽ اجلاس ۾ اهم قومي معاملن سميت ايوان جي معمول جي ڪارروائي اڪلائي ويندي.