سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) ٻارن سان ٿيڻ واري زيادتين جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان سينيٽ جي جوڙيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر نزهت صادق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين کي روڪڻ لاءِ بلوچستان جي حڪومت جي ڀلائي واري خصوصي اداري کان تفصيلي بريفنگ ورتي وئي، ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر نزهت صادق چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين جي حوالي سان سڄي قوم کي ڳڻتي آهي، ان کي روڪڻ جي لاءِ سينيٽ موثر قانونسازي به ڪئي آهي، ادارا ۽ قانون موجود آهن، ان تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. ان حوالي سان خصوصي ڪميٽي کي بلوچستان صوبي جي اسپيشل ويلفيئر اداري تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪميٽي جي ميمبرن انساني حقن واري وزير ۽ انساني حقن واري سيڪريٽري جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عدم موجودگي تي چيو آهي ته اهو انتهائي اهم معاملو آهي ان جي باوجود به پارليامينٽ جي ڪميٽين کي نظرانداز ڪرڻ ڳڻتي جي ڳالهه آهي. سوشل ويفليئر کاتي بلوچستان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خصوصي ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻارن جي تحفظ لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2016ع تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي جنهن جي صوبائي اسيمبلي منظوري ڏني هئي ان ايڪٽ تحت صوبائي ڪميشن فار چائلڊ پروٽيڪشن قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو ڪم چائلڊ پروٽيڪشن قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي اها ڪميشن حڪومت کي ٻارن جي تحفظ لاءِ نيون پاليسيون فراهم ڪندي ان ڪميشن ۾ حڪومت جي ادارن سميت سول سوسائيٽي جا ميمبر ۽ ٻارن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيمن جا نمائندا به شامل آهن، هن چيو ته ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ جوڙيا ويا آهن، ڊويزنل جي سطح تي 6 چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ قائم ڪيا ويا آهن 85 سوشل ويلفيئر آفيسر ۽ سول سوسائيٽي جي ميمبرن کي به تربيت ڏني وئي آهي جنهن تي ڪميٽي جي ميمبرن چيوته ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٿيندڙ زيادتين تي روڪڻ لاءِ عملي طور تي ايترو ڪم ناهي ٿيو جيترو ٿيڻ گهرجي ها. انساني وزارت پاران ڊائريڪٽر جنرل محمد ارشد چيو آهي ته انساني حقن واري وزارت وٽ نيشنل پروٽيڪشن سينٽر موجود آهن، روڊن تي استحصال ٿيڻ وارن ٻارن کي حاصل ڪري انهن ۾ رکيو ويندو آهي جنهن تي ڪميٽي نيشنل پروٽيڪشن سينٽر جو دورو ڪرڻ ۽ معلومات کي ايندڙ اجلاس ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير جي موجودگي ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر ستاره اياز، مشتاق احمد ۽ محمد علي خان کانسواءِ انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل محمد ارشد، يونيسيف جي نمائنده بشريٰ اجمل ۽ فرح الياس شرڪت ڪئي۔