قومي اسيمبلي جي ڇهين سيشن لاءِ پينل آف چيئرپرسن جي نالن جو اعلان

قومي اسيمبلي جي ڇهين سيشن لاءِ پينل آف چيئرپرسن جي نالن جو اعلان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي جي ڇهين سيشن لاءِ پينل آف چيئرپرسن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اعلان ڪيو ته سيد فخر امام، نصر الله دريشڪ، احسن اقبال، شازيه مري، عثمان خان ترڪئي ۽ محمد اسلم ڀوتاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندا.