وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سڀني وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هر هڪ وزارت ۾ خدمتن جي فراهمي، ڪفايت شعاري جي پاليسي کي اختيار ڪرڻ جي ڏس ۾ کنيل قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن خاص طور تي هر هڪ وزارت جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر هڪ وزارت کي عملدرآمد جي لاءِ پنجن سالن تي ٻڌل مخصوص اسٽريٽجڪ پلان جي تياري جو هدف ڏنو ويندو ته جيئن ڪارڪردگي کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ اهڙي طرح جو جائزه اجلاس هر ٽن مهينن کانپوءِ منعقد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ته جيئن وزارتن جي ڪارڪردگي کي جانچي سگهجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي سهي رخ ۾ گامزن آهي انهن قدمن جو بنيادي مقصد پاڪستاني شهرين جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ آهي.