جمهوريت ۽ انساني حقن جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي: سليم مانڊوي والا

جمهوريت ۽ انساني حقن جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته جمهوريت ۽ انساني حقن جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي، غريب طبقي کي خوشحال ڪرڻ کانسواءِ انساني حقن تي عملدرآمد ناممڪن آهي، پارليامينٽ کي انساني حقن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سومر ڏينهن انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انساني حقن جي خلاف ورزي سان جمهوريت ڪمزور ٿيندي آهي، آزاد عدليه ۽ ميڊيا انساني حقن جي علمبرداري جي لاءِ ضروري آهي، هن چيو ته غريب طبقي کي خوشحال ڪرڻ کانسواءِ انساني حقن تي عملدرآمد ناممڪن آهي، سڄي عوام کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ بنيادي انساني حق آهن، سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته مزدورن، هارين ۽ آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ بنيادي انساني حقن جو حصو آهي، انساني حقن تي عملدرآمد ڪرڻ پارليامينٽ جي بنيادي ذميداري آهي. هن چيو ته پارليامينٽ کي انساني حقن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انٽرنيشنل ليبر ڪنوينشن جي خلاف ورزي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، مزدور کي ان جي مزدوري نه ملڻ به انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، انساني حقن جي لاءِ ٻارن جي حقن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته انساني حقن بابت عالمي قانونن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، پارليامينٽ کي انساني حقن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ماسڪو ۾ ٿيڻ واري ڪانفرنس ۾ آواز اٿاريو ويندو، عالمي برادري ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي.