اسلام انساني حقن جي تحفظ جو سڀ کان وڏو علمبردار آهي: وقتي صدر

اسلام انساني حقن جي تحفظ جو سڀ کان وڏو علمبردار آهي: وقتي صدر

اسلام آباد پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) ) وقتي صدر صادق سنجراڻي چيو آهي ته اسلام انساني حقن جي تحفظ جو سڀ کان وڏو علمبردار آهي، انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مديني جي رياست جي قيام حڪمرانن ۽ عوام سڀني کي برابري جي سطح تي آڻي بيهاريو هو. هن چيو ته حضرت محمد صه جو حجته الوداع جو خطبو عالمي انساني حقن جي احترام جو پهريون پڌرنامو آهي.