پوري قوم ياسر شاهه جي رڪارڊ جي انتظار ۾ آهي: چوڌري فواد حسين

پوري قوم ياسر شاهه جي رڪارڊ جي انتظار ۾ آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پوري قوم ياسر شاهه جي تيز ترين 200 وڪيٽن جي رڪارڊ جو انتظار ڪري رهي آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هي پاڪستان ڪرڪيٽ ۽ ياسر شاهه ٻنهي جي لاءِ هڪ سنگ ميل آهي، ايئن ته سمورا رڪارڊ ئي اهم هوندا آهن پر جڏهن 100 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ته ڪهڙي نه وڏي ڳالهه هوندي آهي.