اطلاعات واري وفاقي وزير سان آمريڪا ۾ سکن جي تنظيم جي وفد جي ملاقات

اطلاعات واري وفاقي وزير سان آمريڪا ۾ سکن جي تنظيم جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان آمريڪا ۾ سکن جي تنظيم سک آف آمريڪا جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ڪرتار پور لنگهه کولڻ ۽ سهولتن جي فراهمي جي منصوبي جي افتتاح تي پاڪستاني حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. وفد چيو ته پاڪستان جي خير سگالي جذبي جي جواب ۾ نيڪ تمنائن جو پيغام کڻي آيا آهيون، بابا جي گرو نانڪ جي درٻار صاحب تائين پهچ سان وڏو ڪنهن سک جي لاءِ ڪو تحفو نٿو ٿي سگهي، وفد چيو ته چاهيون ٿا ته ڪرتار پور راهداري امن ۽ محبت جي راهداري ثابت ٿئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ٻين مذهبن جو احترام اسلام ۽ پاڪستان جي آئين جو واعدو آهي، هن چيو ته ڪرتار پور لنگهه جو قيام امن جو پيغام آهي، امن ئي اهو واحد رستو آهي جنهن تي هلي ٻئي ملڪ غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته نوجوت سنگهه سڌو جو وزيراعظم عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ نئين تاريخ لکي ويو آهي، هن چيو ته رت وهائڻ سان نفرتون وڌي سگهن ٿيون امن نه، سرحد جي ٻنهي طرف امن پسند کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، وفد ۾ سک آف آمريڪا جو چيئرمين جسديپ سنگهه ۽ پاڪستان سک ڪائونسل جو چيئرمين رميش سنگهه شامل هئا، ان موقعي تي پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر احسن ڀون ۽ آمريڪا ۾ ريپبلڪن پارٽي جو اڳواڻ ساجد تارڙ به موجود هئا. اي پي پي/ش – چ/ر – م 21: