وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر جي ملاقات

وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن جي خلاف جاري آپريشن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي آپريشن بابت حڪمن تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وڃي.